لعلو رائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ شهر ۾ صفائي سميت مختلف مسئلن جي حل لاءِ  نوجوان اتحاد پاران هلندڙ تحريڪ جي سلسلي ۾ بک هڙتال جو سلسلو ڇهين ڏينهن به جاري رهيو، امجد خاصخيلي، ايم پنهل چانڊيو، زين چانڊيو، ذوالفقار بروهي، سيد خالد بخاري، ارڏو اترادي، گدا حسين بروهي، محمد علي مغيري، روشن خاصخيلي، مٺل مغيري، عامرچانڊيو چيو ته مختيارڪار وارھ ۽ يوسي سيڪريٽري لعلورائنڪ ملي ڀڳت ڪري ماهوار ايندڙ بجيٽ هڙپ ڪري رهيا آھن، جنهن سبب شھر جي حالت انتهائي بدتر ٿي وئي، هر گهٽي هر چوڪ هر پاڙي ۾  نالين جو گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل آھي. ھوڏانهن ڊي سي قمبر جاويد نبي کوسو مختيار ڪار وارھ کي ساڻ ڪري لعلورائنڪ اچي صفائي سٿرائي جي صورتحال جو جائزو ورتو. جڏھن ته ڊي سي قمبر ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته واقعي شھر ۾ صفائي جي صورتحال خراب آھي، هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته فوري شھري جي صفائي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. يوسي سيڪرٽري جي غيرحاضري واري سوال تي هن چيو ته مون مختيار ڪار وارهه کي هدايتون ڏنيون آھن ته يو سي سيڪريٽري کي آفيس اچڻ جو پابند بڻائي.