حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علي آباد هالا ناڪي واري علائقي ۾ 19 سالن  جي ناري پراسرار نموني گم ٿي وئي، پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته پراسرار نموني گم ٿي ويل ناري جي 2 ڏينهن اڳ ”ن م“ نالي نوجوان سان شادي ڪرائي وئي هئي جنهن کانپوءِ ناري اوچتو گم ٿي وئي. پوليس ناري کي ورغلائي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي شڪ ۾ هڪ نوجوان ”ع پ“ کي گرفتار ڪري حراست ۾ رکيو آهي. سندس موبائيل فون به چيڪ ڪيا ويا جنهن ۾ ان ناري جا ميسيجز به پيل هئا پر نوجوان جو چوڻ آهي ته ناري گمشدگي بابت کيس ڪا به خبر ڪانهي. پوليس ذريعن ٻڌايو آهي ته ناري جو هڪ ويجهو مائٽ سنڌ جو وڏو گورنمينٽ ڪانٽريڪٽر آهي جنهن جي دٻاءُ تي حيدرآباد پوليس ناري کي ڳولڻ ۾ سرگرم آهي.