حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد جي انتظاميا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي هڪ شادي هال کي سيل ڪري ڇڏيو  جڏهن ته هڪ هال تي 20 هزار رپيا ڏنڊ مڙهيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد فاطمه صائمه احمد ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار اسد جوڻيجو گڏيل طور يونٽ نمبر 7 ۾ ڪارروائي ڪري قلعا شادي هال کي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سيل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته السيد شادي هال تي 20 هزار رپيا ڏنڊ مڙهيو ويو. عملدارن جو چوڻ آهي ته اها ڪارروائي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو جي حڪم تي ڪئي وئي.