حيدرآباد (بيورو رپورٽ) صحت کاتي حيدرآباد مان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر جمن باهوٽو کي ڪراچي بدلي ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته سندس جاءِ تي ڊاڪٽر جعفر خان کي ڊي ايڇ او مقرر ڪيو ويو آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 20هين گريڊ جي سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر جمن باهوٽو جي حيدرآباد مان بدلي ڪري کيس پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ايڪسپينڊيڊ پروگرام ۾ 20هين گريڊ جو عملدار مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندس جاءِ تي پيرا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ڄامشورو ۾ پرنسيپل مقرر 19هين گريڊ جي ڊاڪٽر جعفر خان کي سينارٽي بنياد تي 20هين گريڊ ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي. صحت کاتي ۾ مقررين ۽ بدلين بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.