سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي تاجرن طرفان ڊويزنل ۽ ضلعي انتظاميا معرفت گهرو وزارت کي درخواست ڏني هئي ته جمعي ۽ آچر تي لاڪڊائون بجاءِ جمعي ۽ ڇنڇر تي لاڪڊائون ڪيو وڃي، ڇو جو سندن ڪاروبار تمام گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي، اهڙي درخواست کي سنڌ جي گهرو وزارت منظور ڪندي صرف سکر ضلعي لاءِ لاڪڊائون جي ڏينهن ۾ تبديلي ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ورتو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاڻي سکر ۾ جمعي ۽ ڇنڇر واري ڏينهن مڪمل لاڪڊائون هوندو، جڏهن ته آچر ڏينهن معمول موجب ڪاروباري مرڪز کليل رهندا.