تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي ۽ ٺل ۾ ارڙي وگهي وڌيڪ 2 ٻارڙا فوت، ڪيترائي مبتلا، صحت کاتي نوٽيس نه ورتو، خبرموجب تنگواڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ارڙي تي ضابطو اچي نه سگهيو آهي، ڪالهه ڳوٺ ڪمال مگسي ۾ ڳوٺاڻي امان الله ميراڻي جي ٽئين نياڻي شبانا ميراڻي به ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، هڪ هفتي دوران 3 ڀاءُ ڀيڻ عبيدالله، فاطما ۽ شبانا ارڙي وگهي فوت ٿي چڪا آهن. هوڏانهن ٺل جي دريا خان کوسو چوڪ ڀرسان ٻن ورهين جي نينگري عاليه ڌيءُ عبدالنبي ڀٽي ارڙي سبب فوت ٿي وئي، شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ارڙي جي وبا ۾ ڪيترائي ٻارڙا مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن ته صحت کاتي هن وقت تائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو.