دادو: دادو جي بي سيڪشن ، شهيد مخدوم بلاول ۽ ٻين ٿاڻن تان مختلف ڪيسن جي پراپرٽي وڪڻڻ بابت دادو بار جي وڪيل غلام محمد عرف پير هني پاران پاران سيشن جج دادو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي، عدالت جي حڪم تي ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ ، ڊي ايس پي جوهي کي انڪواري آفيسر مقرر ڪيو جنهن جاچ ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي ٻن ايس ايچ او منظور مستوئي ، غلام حيدر پنهور ۽ 3 وڏن منشين خدابخش پنهور ، سرور پنهور ۽ اشفاق کوکر کي ڏوهي قرار ڏنو جن کي معطل ڪيو ويو جنهن تي ايس ايچ او منظور مستوئي جاچ رپورٽ خلاف سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي ، جنهن تي عدالت معاملي جي جاچ اينٽي ڪرپشن حوالي ڪئي هئي. ٻئي پاسي واقعي بابت آءِ جي سنڌ پوليس پاران ايڊيشنل آءِ جي ۽ ٻن ايس ايس پيز مشتمل جاچ ٽيم پڻ پنهنجي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ آء جي سنڌ پوليس حوالي ڪئي، آءِ جي سنڌ پاران جوڙيل جاچ ٽيم ڊي ايس پي ايڊمن يوسف ابڙو ، ڊي ايس پي جوهي ، ڊي ايس پي دادو عبدالخالق وڳڻ ، ايس ايچ او منظور مستوئي ، ايس ايچ او غلام حيدر پنهور ، ايس ايچ او شهيد مخدوم بلاول منير احمد عباسي ۽ ٻين اهلڪارن جا بيانن وٺڻ سان گڏ بي سيڪشن تان اهم رڪارڊ پڻ کنيو هو .