دادو: بي سيڪشن ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايچ او منظور مستوئي عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ ڄاڻايو هو ته هن انڊس هاءِ وي تان نشي آور سوپارين ۽ گٽڪي سان ڀريل 3 ، ٽرڪون پڪڙيون هيون، هڪ ٽرڪ ڊي ايس پي ايڊمن يوسف ابڙو ڇڏرائي ۽ 2 ، ٽرڪون ڇڏڻ لاءِ 50 لک رپين جي آڇ ڪئي پر مون ايف آءِ آر داخل ڪئي ته مونکي بي سيڪشن تان هٽائي سرڪاري پراپرٽي شو ٿيل منشيات کڻي وڪرو ڪري ان ۾ مون کي ملوث قرار ڏنو ويو آهي .