حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدر آباد ۾ لاڳيتو ٻئي ڏينهن شڪي مقابلا ٿيا، جن ۾ پوليس 2 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ سان گڏ هڪ جوابدار کي به پڪڙڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ سخي پير پوليس مبينا مقابلي ۾ زخمي ڦورو کي ساٿي سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پيٽرولنگ دوران انهن موٽرسائيڪل تي سوار شڪي ماڻهن کي روڪڻ جو اشارو ڏنو پر اهي نه بيٺا ۽ پوليس مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو ياسر لغاري کي ٻانهن ۾ گولي لڳي جيڪو زخمي ٿي پيو جڏهن ته سندس ساٿي محمد بچل لغاري کي موٽرسائيڪل تي فرار ٿيندي سوگهو ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. ايس ايڇ او سخي پير رئيس احمد خانزادو جو چوڻ آهي ته زخمي ڦورو کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڦورن جي قبضي مان ٻه ٽي ٽي پستول ۽ هڪ چوري ٿيل موٽرسائيڪل ملي آهي. موٽرسائيڪل جي چوري بابت سٽي ٿاڻي تي ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس پاران مبينا مقابلي ۾ گرفتار ڪيل ٻنهي ڄڻن جو تعلق تعلقي ٻهراڙي جي ڳوٺ واڻڪي وسي سان آهي جن کي پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ حراست ۾ ورتو هو ۽ گذريل ڏينهن فجر مهل کين مبينا مقابلو ڄاڻايل ٻنهي جي گرفتاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي. پوليس ذريعن اها به تصديق ڪئي ته ڦورو ڄاڻائي زخمي ڪيل ياسر لغاري خلاف ان کان اڳ ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو ڪيس به داخل ٿيل نه آهي جڏهن ته پوليس ٻنهي ڄڻن خلاف پوليس سان مبينا مقابلي ۽ غيرقانوني اسلحي رکڻ جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. ٻئي پاسي ڦليلي پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي. ايس ايڇ او نياز پنهور جو چوڻ آهي ته زخمي ڦورو جي سڃاڻپ ساجد عرف سجو ڏيٿو طور ٿي آهي زخمي ڦورو ان کان اڳ به پوليس مقابلي ۾ هاف فرائي ٿيو هو مٿس شهر جي مختلف ٿاڻن تي ڦرلٽ ۽ چورين جا 28 ڪيس داخل ٿيل آهن, ايس ايڇ او موجب ڦورو جڙيل شاهه قبرستان وٽ ڦر جي ارادي سان بيٺل هئا جنن پوليس کي ڏسي مٿن فائرنگ ڪئي ۽ جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جڏهن ته سندس ساٿي بلال اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويو .