ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور جي ڳوٺ غلام قادر سولنگي واسڻ 22 ورھين جي صدامان سولنگي پراسرار نموني مٿي ۾ پسٽل جي گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي سول اسپتال ڪشمور آندو ويو، جتي چار ڪلاڪن تائين ليڊي ڊاڪٽر نه ھئڻ ڪري پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو، سول اسپتال ڪشمور جي ايم ايس طرفان عورت جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ کڻي وڃڻ لاءِ وارثن کي زور ڀريو، جنهن بعد ڪنڌڪوٽ سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن موجب عورت گھرو اڻبڻت تان پسٽل جو فائر ڪري زندگي جو انت آندو آهي. ايس ايچ او ڪشمور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويل ناري جو موت ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ شڪ جي بنياد تي مڙس فدا سولنگي کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.