حيدرآباد: ڊي آءِ جي حيدرآباد پير محمد شاهه نينگري انابيا جي پراسرار موت واري معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس  ايس پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڊي آءِ جي، جي ترجمان پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته نينگري انابيا 13 اپريل تي پاڙي جي گهٽي مان بيهوشي واري حالت ۾ ملي هئي، جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هو 14 اپريل تي فوت ٿي وئي.