لاڙڪاڻو (رپورٽ :نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي جي مسڻ محلا واسي 62 ورهين جو پيرسن عبدالقيوم ڪٽپر گهر اندر فوت ٿي ويو، وارثن لاش ايمبولينس ذريعي کڻائي ايس ايس پي چوڪ تي رکي  بااثرن ۽ وومين پوليس خلاف ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي فوتيءَ جي پٽ سليم ڪٽپر پنهنجي پاڙيسرين عمران، احمد سولنگي، اياز علي سميت ٻين سان گڏجي دانهيو ته اياز گل جتوئي ۽ منور دايو اسان جي جڳهه تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيا آھن، اهڙو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي.بااثرن ٽي ڏينهن اڳ ايس ايچ او وومين کي رشوت ڏئي منهنجي امڙ رضيه ۽ ڀيڻ رقيه کي گرفتار ڪرايو، منهنجو پيرسن پيءُ عبدالقيوم ڪٽپر صدمي ۾ فوت ٿي ويو آهي، جنهن جا ذميوار اياز گل جتوئي، منور دايو ۽ پوليس آهي. هن چيو ته ڊي ايس پي ميران خان دراني کي شڪايت ڪئي ته جڳهه ۾ 40 ورهين کان رهائش پذير آهيون، ان اسان جي هڪ به نه ٻڌي آيف آئي آر داخل ڪري وومين ٿاڻي جي ايس ايچ او ياسيمن چانڊيو منهنجي امڙ ۽ ڀيڻ کي گرفتار ڪيو، پوليس آفيسر مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، مجبور ٿي  صدمي ۾ فوت ٿي ويل پيءُ جو لاش رکي ڌرڻو هنيو آهي. ايس ايچ او وومين ياسمين چانڊيو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اياز گل جتوئي جي فرياد تي فوتي عبدالقيوم ڪٽپر سندس گهر واري رضيه ۽ ڌيءَ رقيه خلاف ڪيس داخل ڪري فوتيءَ جي گهر واري ۽ ڌيءَ کي گرفتار ڪيو، رشوت جا الزام بي بنياد آهن.ڊي ايس پي ميران خان دراني جي هدايتن تي ٻنهي عورتن کي آزاد ڪري مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن پوليس جي خاطري تي وارثن ڌرڻو ختم ڪري لاش گهر کڻائي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.