شادي جي رات ڀڄڻ جو منصوبو جوڙيو هو: مديحا رضوي

0
445
شادي جي رات ڀڄڻ جو منصوبو جوڙيو هو: مديحا رضوي
شادي جي رات ڀڄڻ جو منصوبو جوڙيو هو: مديحا رضوي

ڪراچي (شوبز نيوز) گذريل 8 ورهين کان ڪامياب ازدواجي زندگي گذاريندڙ اداڪارا مديحا رضوي انڪشاف ڪيو آهي ته هن شادي جي رات نڪاح کانپوءِ فرار ٿيڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. ياد رهي ته مديحا رضوي 2014 ۾ ساٿي اداڪار حسن نعمان سان شادي ڪئي هئي ۽ ٻن ٻارن جي ماءُ آهي. هڪ رسالي کي انٽرويو ڏيندي هن پهريون ڀيرو کليل نموني ڳالهائي نوان انڪشاف ڪيا آهن، جنهن تي مداح حيران ٿي ويا آهن. هن ٻڌايو ته جواني ۾ ئي عمران اشرف ۽ حماد فاروق جي ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو ته وڌيڪ ڪردارن جون آڇون ٿيڻ لڳيون. وڏي عمر وارو ڪردار ڪرڻ بعد رڳو ماءُ جي ڪردارن جي آڇ ٿيندي هئي، جنهن کي رد ڪندي هيس. هن اعتراف ڪيو ته شادي کان اڳ هو حسن نعمان جي 11 سال پراڻي دوست هئي ۽ گهر ڀاتي هڪ ٻئي جي گهر ايندا ويندا هئا، حسن نعمان ڪجهه سالن کانپوءِ محبت جو اظهار ڪيو ۽ شادي جي آڇ ڪري ڇڏي پر مان انڪار ڪري ڇڏيو هو. اداڪارا موجب حسن نعمان کي ٻڌايو هو ته اسان بهترين دوست آهيون ۽ مان شادي نٿي ڪري سگهان. مديحا موجب حسن نعمان سدائين اچي تحفا ڏيندو هو پر مان هميشه انڪار ڪندي هيس، ڪيترن ئي سالن بعد شادي جو خيال آيو ته ذهن ۾ رڳو حسن نعمان جو ئي نالو آيو پوءِ کيس فون ڪري شادي لاءِ چيم. مديحا موجب پر جنهن رات منهنجي شادي ٿي رهي هئي ان وقت ائين محسوس ٿي رهيو هو ته مان غلطي ڪري رهي آهيان، ان لاءِ نڪاح کانپوءِ فرار ٿيڻ جو منصوبو ٺاهيم. مديحا ٻڌايو ته ساهيڙين جي ڪمري ٻاهران دري ويجهو ڏاڪڻ رکرائي هئي پر اوچتو ڪمري ۾ حسن نعمان اچي ويو ۽ فرار نه ٿي سگهيس.

 

 

ھي به پڙھندا

صاحبا جي فلم ”ڪانپين ٽانگ رهي هين“عيد تي رليز ٿيندي