شھدادپور (ن پ ا) ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ايسوسئيشن ضلعي سانگهڙ جي چونڊن ۾ اسرار احمد خاصخيلي بنا مقابلي صدر چونڊجي ويو جڏهن ته سندس ئي پئنل جو رحمت الله خاصخيلي جنرل سيڪريٽري ۽ محمد آصف خزانچي چونڊجي ويا. ان سلسلي ۾ ميمبر صوبائي اسيمبلي شاهد سلام ٿهيم، علي مرتضيٰ ٿهيم، فهد وساڻ، سماجي اڳواڻ ارشاد ظفر بخاري ۽ ٻين بنا مقابلي چونڊجي آيل اسرار خاصخيلي کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اسرار احمد خاصخيلي جي بنا مقابلي ڪاميابي ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو نتيجو آهي سندس ڪاميابي ضلعي سانگهڙ ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اضافي جو سبب بڻجندي ۽ اميد ته شھرين کي بهتر ڪرڪيٽ فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.