لاهور  (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپن بالر ثقلين مشتاق انڪشاف ڪيو آهي ته هن پنهنجي ڌيءُ جي شادي شاداب سان ان ڪري ڪرائي جو هو نمازي آهي. هڪ پوڊ ڪاسٽ انٽرويو ۾ ثقلين مشتاق چيو ته شاداب جي امڙ رشتو کڻي آئي، هن چيو ته جيستائين رشتو نه ڏيندئو اسين واپس نه وينداسين. هن چيو ته مون شاداب جي امڙ کان ٻن ڏينهن جي مهلت گھري. پوءِ شاداب جون سٺيون عادتون ڏسي سڱ ڏيڻ تي راضي ٿياسين. هڪ ڏينهن مڱڻو ڪرايو ۽ ٻئي ڏينهن تي نڪاح ڪرائي ڇڏيوسين. هن چيو ته مون جيترو به وقت شاداب کي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڏٺو ان دوران هن ۾ ڪا برائي نظر نه آئي.