خيرپور (رپورٽر) گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پير جو ڳوٺ ۾ اسپورٽس گالا پڄاڻيءَ تي پهتو. انعام ورهائڻ واري تقريب جو مھمان خاص ڪاليج جو پرنسپل پروفيسر الطاف حسين کھڙو هو جنهن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته الله پاڪ جو ڪرم آھي ته تعليم سان گڏ راندين ۽ ٻين سرگرمين ۾ شاگردن بھترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري سنڌ ليول تي ڪاليج جو نالو روشن ڪيو آھي اھڙي محنت سان شاگردن کي پاڪستان ۽ انٽرنيشنل سطح تي کيڏڻ جو موقعو ملندو. ان کان اڳ ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن غلام مرتضيٰ ڏھوٽ ٻڌايو ته 7 مارچ کان شروع ٿيل اسپورٽس گالا ۾ مختلف راندين جا مقابلا ڪرايا ويا جنھن ۾ ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، ٽگ آف وار، والي بال، ايٿليٽڪس ۽ ڊاج بال شامل ھئا.