ڊرامي تيري بن ۾ حيا جو ڪردار ادا ڪرڻ تي سبينه فاروق کي ڌمڪيون

0
382
ڊرامي تيري بن ۾ حيا جو

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا سبينه فاروق ڊرامه سيريل “تيري بن” ۾ حيا نالي عورت جو ڪردار ادا ڪرڻ تي هن خلاف خراب مهم هلائيندڙن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي

انسٽاگرام پوسٽ ۾ اداڪارا لکيو ته ماڻهن کي هڪ ڊرامو، ڪردار ۽ اداڪار جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. هن مداحن کي ٻڌايو ته ڊرامي جي ڪردار تي مونکي ڌمڪيون ملي رهيون آهن جنهن سان نه رڳو مون مٿان پر منهنجي فيملي تي به خراب اثر پئجي رهيو آهي

سبينه فاروق لکيو ته ڊرامي ۾ منهنجي ڪردار تي مزاحيه انداز ۾ يا حدن ۾ رکي ردعمل ڏنو وڃي ته مونکي ڪوبه مسئلو نه آهي پر هاڻي حدن کان وڌي رهيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن يوٽيوب تي منهنجي خلاف خراب مهم جو سلسلو نه رڪيو ته مان ٻيهر ان ۾ ملوث سڀني ماڻهن جو نالو پبلڪ ڪنديس

هي به پڙهندا

آئمه بيگ پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي هرجاڻي جو نوٽيس