صحت کاتي جي اختيارين آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالعزيز کي پرچائي ورتو

0
346

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ليبر اسڪوائر اسپتال جي اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالعزيز طرفان آپگهات جي ڪوشش واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاهه سان ملاقات ڪئي

صحت کاتي جي اختيارين آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالعزيز کي پرچائي ورتو آهي،  ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر سنڌ سيڪريٽريٽ پهچي ويو، سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاهه سان ملاقات ڪئي

ذريعن موجب ڊاڪٽر عبدالعزيز سوڍر کي ڪجهه ڏينهن اندر ڪراچي ۾ مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

ڪشمور: آپگهات يا قتل، ڊاڪٽر جو گهر مان لاش هٿ