آئمه بيگ پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي هرجاڻي جو نوٽيس

0
242
آئمه بيگ پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي هرجاڻي جو نوٽيس
آئمه بيگ پاران سوشل ميڊيا پليٽ فارم کي هرجاڻي جو نوٽيس

لاهور(شوبز نيوز) پاڪستاني ڳائڻي آئمه بيگ هڪ لوڪل ميڊيا اداري کي غلط خبر هلائڻ تي 10 ڪروڙ رپيا هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي

ڳائڻي سوشل ميڊيا ۾ مداحن کي ليگل نوٽيس کان آگاهه ڪيو ۽ نيوز پليٽ فارم کان ٻن ڏينهن اندر عوامي معافي جو مطالبو ڪيو آهي. هن شوبز انڊسٽري ۾ پنهنجي ساٿي فنڪارن کي درخواست ڪئي ته اهي ان جعلي رپورٽنگ خلاف منهنجو ساٿ ڏين. ڳائڻي انسٽاگرام پوسٽ ۾ لکيو ته هاني وقت اچي ويو آهي ته اسان لفافه صحافت ۽ جعلي رپورٽنگ خلاف اٿي بيهئون

آئمه بيگ جو چوڻ هو ته منهنجي بس ٿي وئي آهي، مان پنهنجي لاءِ ۽ انهن سمورن ماڻهن لاءِ بيٺي آهيان جيڪي انهن جو ايندڙ نشانو هوندا. واضح رهي ته لوڪل نيوز پليٽ فارم هڪ خبر هلائي هئي جنهن موجب ڳائڻي جي هڪ انٽرويو جي حوالي سان دعويٰ ڪئي وئي هئي ته هن کي ننڍپڻ ۾ پنهنجي ڀاءُ سان محبت هئي