ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز پارٽي  سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو جي لاڏاڻي بعد خالي ٿيل سينيٽ  واري سيٽ تي  سندس گهر واري ڊاڪٽر خالده سڪندر مينڌرو کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو  آهي، پارٽي ذريعن موجب پ پ پاران ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو جي خالي ٿيل سينيٽ واري سيٽ تي سندس گهر واري خالده سڪندر مينڌرو کي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ڪالهه پ پ ايم پي اي سعديه جاويد ۽ عبدالغني گوپانگ ڊاڪٽر خالده سڪندر مينڌرو پاران سندس نامزدگي فارم جمع ڪرايو، پارٽي قيادت جي هدايت تي ڊاڪٽر ڪريم خواجا، نورالحق قريشي ۽ عبدالرزاق شيخ پڻ فارم جمع ڪرايا آهن.