ڪراچي: پ پ جي مرحوم سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو جو مڙهه ڪالهه ڪراچي پهچي نه سگهيو، اڄ مڙهه ڏيهه پهچڻ  بعد بدين ۾ جنازي نماز ۽ ڳوٺ متارو مينڌرو ۾ تدفين ٿيندي، ان حوالي سان ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو جي ڀائٽي انجنيئر زبير منڌرو جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو جو مڙهه اربع  تي آمريڪا مان ڏيهه پهچڻو هو، ٽيڪنيڪل خرابي سبب فلائيٽ ملتوي ٿيڻ ڪري مڙهه ڏيهه  پهچي نه سگهيو، هن ٻڌايو ته چاچا جو  مڙهه اڄ  ڏيهه پهچندو، ڪراچي ايئرپورٽ تان مڙهه بدين منتقل ڪيو ويندو، جتي صبح جو ساڍي ڏهين وڳي جنازي نماز بعد ڳوٺ متارو ساند ۾ تدفين ڪئي ويندي،