راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته پاڪستان اٽلي سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي،  اطالوي هٿياربند فوج جي چيف آف دي ڊيفينس اسٽاف آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي ۽ پيشيوراڻن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آءِ ايس پي آر موجب اطالوي هٿياربند فوج جي سربراهه جي ايچ ڪيو جو دورو ڪيو، جتي هن آرمي چيف سان ملاقات ڪئي، آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ پيشيوراڻن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته سيڪيورٽي، دفاعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، آرمي چيف چيو ته پاڪستان اٽلي سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏيندو آهي، اٽلي سان دفاعي تعاون سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون.