ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آمريڪا ۾ لاڏاڻو ڪري ويل پ پ  سينيٽر ۽ اڳوڻي  صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جو مڙھ 22 جون تي ڏيهه پھچندو، سندس خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو جو مڙھ آمريڪا مان ڪراچي ايئرپورٽ تي صبح جو پھچڻ بعد بدين نيو ويندو، جتي جنازي نماز  ادا ڪرڻ بعد ڳوٺ حاجي متارو منڌرو (اڪري )۾ تدفين ڪئي ويندي. واضح رهي ته ڊاڪٽر سڪندر منڌرو آمريڪا جي هڪ خانگي اسپتال ۾ 11 جون تي لاڏاڻو ڪري ويو هو .