لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت بجلي جي بچت لاءِ 20 جون کان مارڪيٽون رات جو 9 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو  آهي جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي واپارين کي رعايت ڏني ويندي. ذريعن موجب پنجاب حڪومت بجلي بچت پلان تي 20 جون کان عمل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. 20 جون کان وڏن شهرن ۾ مارڪيٽون صبح 8 وڳي کلنديون ۽ رات جو 9 وڳي بند ڪيون وينديون. پهرئين مرحلي ۾ لاهور سميت ٻين وڏن شهرن ۾ عمل شروع ٿيندو. سومر کان رات جو 9 وڳي بازارون بند ٿي وينديون، پر فارميسي ۽ پيٽرول پمپ ان پابندي کان آجا هوندا. ذريعن موجب ريسٽورنٽ به جلد بند ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، پهرئين مرحلي ۾ اها پابندي 2 مهينا جولاءِ آگسٽ لاءِ هوندي ۽ پوءِ وڌيڪ فيصلو ٿيندو، واپارين جي تنظيمن به حڪومت جو ساٿ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. لاهور چيمبر جي صدر نعمان ڪبير چيو ته قومي مفاد جي فيصلن ۾ حڪومت سان گڏ آهيون ۽ بچت پلان تي عمل سان بجلي ۽ پيٽرول جي بچت ٿيندي.