ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر چيو آهي ته 70 سالن کان مختلف تجربا ڪندا رهيا آهيون، هاڻي به نه سڌرياسين ته وڏو نقصان ٿيندو، هن وقت  ملڪ انتهائي ڳنڀير صورتحال ۾ ڦاٿل آهي، هتي ڪير به طاقتور ناهي، رڳو آئين، قانون ۽ پارليامينٽ ئي طاقتور آهن، ڪالهه هتي سنڌ هاءِ ڪورٽ بارپاران ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن پاران جونيئر ججن جي مقرري تي بار ۽ وڪيلن ۾ڳڻتي آهي، جونيئر ججن جي مقرري کي سينيئر جج پنهنجي توهين سمجهن ٿا، عدليا ۾ججن جي مقرري جو اثرائتو ۽ شفاف طريقيڪار هجڻ گهرجي، بار ۽ بينچ کي هڪٻئي لاءِ پل جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن چيوته بينچن جي جوڙجڪ ۽ ڪيسن جي ٻڌڻي جو طريقيڪار شفاف هجڻ گهرجي، حساس ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ آزاد جج هجڻ گهرجن، ججن کي وڪيلن ۽ سائلن سان نرمي سان پيش اچڻ گهرجي، هن چيو ته هر ڪنهن جو ڪردار رڪارڊ ٿي رهيو آهي، ڌمڪيون ۽ داٻا گهڻو وقت نه هلندا، هن چيو ته پارليامينٽ جي حيثيت گهٽائي پئي وڃي، افسوس سان چوڻو  ٿو پوي ته اسان جو ادارو (عدليا) ڪوتاهي پيو ڪري، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، عدليه کي آئين، پارليامينٽ ۽ عوام سان جهڙي ريت بيهڻ گهرجي، ائين بيٺل ناهيون، هن چيو ته منهنجي نيب چيئرمين طور مقرري واريون ڳالهيون هوائي آهن، هن چيو ته  مون 2007ع ۾ پي سي اوتحت جج  ٿيڻ کان  انڪار ڪيو هو . هاءَ ڪورٽ ۽ ڪراچي بارز جو عدليا جي بحالي ۾ اهم ڪردار آهي،    تقريب کي خطاب ڪندي  سنڌهاءِڪورٽ بار جي صدر شهاب سرڪي چيو ته جسٽس (ر) مقبول باقر عدليا ۾ تمام بهتر ڪم ڪيو آهي، منهنجو پهريون ڪيس جسٽس مقبول باقر جي عدالت ۾ هو، سندس وڪيلن سان رويو بهتر هو .هن چيو ته جسٽس مقبول باقر 99 سيڪڙو وڪيلن جو آئيڊيل جج هو . پراسيڪيوٽر جنرل اعجاز احمد پاران جسٽس( ر) مقبول باقر کي اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو ڏنو ويو .