ڪرمپور (ن پ ا) انڊس هاء وي تي پوليس  ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلي سبب ھڪ ڏوهاري مارجي ويو آهي. پوليس موجب بصر لاڙي وٽ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ وچ ۾ مبينا مقابلي ۾ ڏوهاري گهنيو اوڳاهي مارجي ويو آهي. ڏوهارين ايس ايڇ او غوثپور جي گاڏي مٿان فائرنگ ڪئي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو. ٻئي پاي  هڪ ڳوٺاڻي جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن. مارجي ويل جوابدار پوليس کي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو.پوليس پڌرائي موجب پوليس روڊ تي گشت ڪري رهي هئي ته ڳڙھي لاڙي وٽ ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڌاڙيلن غوثپور پوليس موبائيل مٿان فائرنگ ڪئي پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڌاڙيل مارجي ويو سندس ساٿي فرار ٿي ويا مارجي ويل جوابدار وٽان هٿ پڻ هٿ ڪيو ويو آهي