ٿاڻو بولا خان(ن پ ا) شاھي بازار جي نوراني مسجد ۾ ڪوري محلي جو رھواسي شبير احمد ڪوري قرآن مجيد پڙھڻ دوران دل جي تڪليف ٿي پئي دل جي تڪليف دوران سڏ پنڌ تي پنھنجي پرائيوٽ ڪلينڪ تي موجود رٽائرڊ ڊاڪٽر پاران ھلڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو، دل جي تڪليف وڌي وڃڻ ڪري شبير احمد موقعي تي مسجد جي اندر فوت ٿي ويو. ڊاڪٽر جي اھڙي رويي تي وارثن احتجاج ڪيو. هنن چيو ته سڏ پنڌ تي موجود ڊاڪٽر کي چڪاس لاءِ مسجد تائين ھلڻ جو چيوسين ته ھن جواب ڏئي ڇڏيو. وارث جڏھن ته علائقي واسين جو چوڻ آھي ته جنھن ڊاڪٽر ۾ انسانيت نه آھي ان کي ڪلينڪ ھلائڻ به گھرجي؟ ھنن چيو ته گورنمينٽ سنڌ جي ھيلٿ کاتي کان مطالبو ٿا ڪيون ته مسيحا ڪردار ڊاڪٽرن کي پرائيوٽ ڪلنيڪ تي معياري علاج ڪري مريض جون حياتي بچائي سگھجن.