ميرپور ساڪرو (ن پ ا) ڳاڙهو شھر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب بجليءَ جو ڪم ڪندڙ 25 ورھين جو برڪت علي ولد پنھل چاچڙ فوت ٿي ويو، واقعي بعد فوتيءَ جي مڙهه کي تعلقي اسپتال شيخ زيڊ ميڊيڪل سينٽر ميرپور ساڪرو نيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي کانپو وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتيءَ جو تعلق ڌاٻيجي مارڪيٽ سان ٻڌايو پيو وڃي.