پنگريو (ن پ ا) پنگريو ڀرسان ڳوٺ خدابخش کوسو ۾ مداريءَ جي ڀولڙي ڪرتب ڏيکارڻ دوران حملو ڪري ھڪ ٻارڙي سيف الله کوسو زخمي ڪري وڌو، باقي ٻارڙن ڀڄي جان بچائي. نينگر سيف الله روئيندي ٻڌايو ته ڀولڙي کيس حملو ڪري زخمي ڪري وڌو پر مداري کيس ڇڏائڻ بدران تماشو ڏسندو رھيو. ھوڏانھن زخمي ٻارڙي کي صحت مرڪز پنگريو آڻي ويڪسين ڪئي وئي.