شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو ۾ معصوم ٻارڙو پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ ڳوٺ مير غلام حسين ٽالپر ۾ ٽن ورهين جو معصوم ٻار سورج ولد نرسنڱ ڪولهي گهر پاران راند کيڏندي پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي ويو، جتان وارثن ڪڍي شيخ ڀرڪيو جي نجي اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن سندن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. معصوم ٻار جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.