ڇا چوڌري پرويز الاهي يوٽرن وٺندو؟

0
196
عمران خان جي نشاني تي ڪير آهي؟

 اِها توهان جي مرضي آهي ته توهان سياسي صورتحال کي ايئن منجھيل سمجھو جيئن مسلم ليگ ق وارا بيان ڪري رهيا آهن ته پنجاب جو وڏو وزير ۽ پارليامينٽ ۾ پارلياماني ليڊر چوڌري پرويز الاهي آهي، جڏهن ته ق ليگ جو اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين آهي پر پي ٽي آءِ وارن سان حتمي ڳالهيون وري مونس الاهي ڪري رهيو آهي، هاڻي وڃجي ته ڪاڏي وڃجي؟ پر حقيقت ۾ سياسي صورتحال جيتري هينئر واضح آهي ايتري شايد پهريان نه هئي. جيڪي ق ليگ وارا صورتحال کي منجھيل بيان پيا ڪن، اهي پاڻ ئي پنهنجي ڳالهه تي مسڪرائيندي سوال به ڪندي نظر اچن ٿا ته ڇا چوڌري پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي ڊزالو ڪري ڇڏيندو؟ جنهن جي جواب ۾ اهڙو موضوع شروع ٿي وڃي ٿو جنهن جو انت ان جملي تي ٿئي ٿو ته چوڌري پرويز الاهي آصف زرداريءَ سان رات جي ماني کائي دعا ڪرائڻ کان پوءِ صبح ٿيندي ئي بني گالا جو رخ ڪري سگھي ٿو ته هاڻ صبح ڪا ڀولا شام جو واپس ڇو نه ٿو اچي سگھي؟ هاڻ ته چوڌري پرويز الهائي پاڻ به پنهنجي مٿان بار لاهڻ جي چڪر ۾ عمران خان جي بيانيي خلاف به نظر اچي ٿو ته جنرل قمر جاويد باجوه ته عمران خان جي خلاف نه پر عمران خان جي حق ۾ وڃڻ لاءِ چوندو هو. جنهن جو مقصد ته چوڌري پرويز الاهي جيڪڏهن آصف زرداري واري ڪئمپ ۾ چوڌري شجاعت حسين کي اڪيلو ڪري جيڪو بني گالا پهتو هو ان ۾ ٻيو به گھڻو ڪجھه شامل هو، مطلب ته جيڪا شهرت يوٽرن جي حوالي سان عمران خان جي رهي آهي، هينئر چوڌري پرويز الاهيءَ لاءِ اهو سوال ٿي رهيو آهي ته اهو ڪڏهن ٿو يوٽرن وٺي عمران خان جي فيصلي خلاف اسيمبلي کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪري ٿو؟ هونئن ته جيڪو عمران خان هر جڳهه تي سوال اٿاري رهيو آهي ته هن جمهوري نظام ۾ اسان پنهنجي ايف آءِ آر داخل نه ٿا ڪرائي سگھون، جنهن تي ن ليگ وارا چون ٿا ته پنجاب حڪومت به عمران خان جي پنجاب پوليس به انهن جي ته پوءِ عمران خان اهو سوال ڪنهن کان ٿو ڪري؟ ظاهر آهي ته عمران خان پنهنجي به وڏي مجبوري ته ظاهر ڪري ئي رهيو آهي پر ها به حقيقت آهي ته چوڌري پرويز الاهي عمران خان جي چوڻ تي وقت جي وزيراعظم شهباز شريف خلاف ايف آءِ آر داخل نه ڪرائي سگھيو.

چوڌري پرويز الاهي کي ته ڇڏيو هاڻ ته عمران خان جي پارٽي جو پنهنجو اڳواڻ ملڪ جو صدر عارف علوي به پاڻ سوچي فيصلا ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريفرنس وغيره جھڙا معاملا هجن، صدر عارف علوي ها ۾ ها ملائي ڇڏيندو هو. جيڪو شروعاتي ڏينهن ۾ شهباز شريف جي حلف برداريءَ کان ويندي حمزه شهباز جي حلف برداريءَ واري تقريب تائين بيمار ٿي پوندو هو، جيڪو عمران خان لاءِ ايوان صدر ۾ پراڻي اسٽيبلشمينٽ دوران اهم ملاقاتون ڪرائيندو هو، هاڻ صدر عارف علوي پنهنجا فيصلا پاڻ سوچي سمجھي ڪندي نظر اچي رهيو آهي، جيڪو صدر عارف علوي شهباز شريف سان ملاقات کان اڳ بيمار ٿي پوندو هو، اهو هاڻ لاڳيتو اسحاق ڊار سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي. نه رڳو اهو پر عارف علوي موجب اسحاق ڊار کي ڳالهيون ڪرڻ جو هنر به اچي ٿو، ان کان اڳ ته سندن دور ۾ اسحاق ڊار لنڊن ۾ جلاوطني واري زندگي گذاري رهيو هو، کيس وڊيو لنڪ وسيلي سينيٽر جو حلف کڻڻ کان به روڪيو پئي ويو. اهڙا قانون آندا پئي ويا جن ۾ رڳو اسحاق ڊار جي ميمبرشپ ختم ٿئي جنهن قانون موجب حلف نه کڻندڙ سينيٽر جي ميمبرشپ ختم ڪئي وڃي.

 هاڻ ان اسحاق ڊار معرفت عارف علوي ڳالهيون ڪري عمران خان لاءِ سياسي دڳ کولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اسحاق ڊار صبح جو عارف علوي سان ملي ٿو ته شام جو آصف زرداريءَ سان ملاقات ڪري ٿو، اهو ئي رڳو نه پر نوازشريف کي به قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ڳالهيون ٿيڻ گھرجن، جڏهن ته چون ٿا ته نوازشريف ڳالهين جي حق ۾ ناهي.

نوازشريف جي پارٽي جي اڳواڻن جي هاڻ لنڊن کان واپسيءَ جو سفر شروع آهي. اسحاق ڊار کان پوءِ هاڻ شهباز شريف جو پنهنجو پٽ سليمان شهباز به اچي رهيو آهي، جنهن کان پوءِ نوازشريف جي واپسيءَ جو انتظار يا اهتمام پارٽي ڪندي نظر ايندي. اياز صادق وارا ته چون ٿا ته جنوريءَ ۾ نوازشريف واپس اچي ويندو. مطلب ته نوازشريف جي واپسيءَ جو عمل شروع آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي عمران خان خلاف سياسي ماحول اهڙو جڙي رهيو آهي جنهن ۾ لڳي ٿو ته عمران خان جيڪڏهن غير مشروط ڳالهين تي راضي نه ٿيو ته وڪڙ ۾ اچي ويندو. عمران خان کي اليڪشن ڪميشن هڪ ئي وقت پنج نوٽيس اماڻي ڇڏيا آهن،

عمران خان کي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ٻولي ڳالهائڻ جو به نوٽيس اماڻيو ويو آهي ته فارين فنڊنگ ڪيس جو نوٽيس به اماڻيو ويو آهي. عمران خان خلاف 13 ڊسمبر تي ئي سمورا پنج ڪيس هلندا جن ۾ سندس پارٽيءَ جي چيئرمين شپ خلاف ڪيس به شامل آهي، جيڪڏهن عمران خان خلاف فيصلو اچي وڃي ٿو ته پوءِ عمران خان ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي پوزيشن ۾ به نه هوندو.

ٻئي طرف عمران خان کي گھڙيءَ وارو قصو به اچي ڳچيءَ ۾ پيو آهي، جو ان قصي جو انت ئي ڪٿي نظر نٿو اچي. هينئر جيڪا عمران خان جي گھر واري بشريٰ بي بي ۽ ذلفي بخاري جي آڊيو سامهون آئي آهي ان سان عمران خان جي توشه خانه واري ڪيس کي ڄڻ ته وزن ملي ويو آهي. تحريڪ انصاف وارن جو اهو موقف آهي ته بشريٰ بي بي جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي ان خلاف ڳالهيون ٿيڻ نه گھرجن. جڏهن ته جيڪي هينئر تائين آڊيو ليڪس سامهون آيون آهن انهن ۾ سياست کان ويندي گھڙي کپائڻ جا قصا ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن. بشريٰ بي بي جي اها آڊيو به سامهون آئي آهي جنهن ۾ ارسلان بيٽا کي مخاطب ٿي هدايتون جاري ڪندي سياسي ٽرينڊ هلائڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. ملڪ رياض جي هيرن واري هار جي آڊيو به آئي هئي، هينئر جيڪا آڊيو آهي اها ان سموري بحث جو تسلسل آهي، جنهن جو مقصد آهي ته عمران خان لانگ مارچ ڪرڻ باوجود پنهنجي لاءِ ڪو رستو اهڙو ناهي ڪڍي سگھيو، جنهن رستي ذريعي هو نئين چونڊ واري راهه ڪڍي سگھي. هونئن ته شهباز شريف آڊيو ليڪ واري معاملي تي چوي ٿو ته جيڪا منهنجي خلاف وزيراعظم هائوس جي آڊيو ليڪ ٿي هئي اها به ڇا مون پاڻ ڪئي هئي؟ هي جيڪو آڊيو ليڪ وارو قصو آهي ان جو ڪنٽرول ڪٿي به هجي پر اهو معاملو هينئر عمران خان لاءِ وڌيڪ ڏچا پيدا ڪري رهيو آهي. عمران خان لانگ مارچ کان پوءِ جيڪو سياسي ڪارڊ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبليو ٽوڙڻ جي صورت ۾ استعمال ڪرڻ گھري ٿو ان حوالي سان به سندس پارٽيءَ جا اڳواڻ چون ٿا ته ان ۾ فائدو به آهي ته سياسي نقصان به آهي.

هڪڙي پاسي عمران خان لاهور ۾ ويهي اجلاس ڪري شاهه محمدو قريشيءَ جي صورت ۾ پريس ڪانفرنس ۾ اسيمبليون ختم ڪرڻ واري موقف کي ورجائي ٿو ته ٻئي طرف انهن ئي اڳواڻن کي اطلاع ڏنا وڃن ٿا ته پي ٽي آءِ جا صوبائي ميمبر وزير ٿيڻ جون تياريون پيا ڪن. عمران خان جي پنهنجي پارٽيءَ جي اندر تضاد به ايئن سامهون اچي سگھن ٿا جيئن قومي اسيمبليءَ اندر مون کان پڇن ها ته چوان ها ته قومي اسيمبلي نه ڇڏيو. هاڻ صورتحال ايتري واضح آهي جو عمران خان جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ڇا پرويز الاهي ان تي عمل ڪندو وارو سوال جيئن جو تيئن موجود آهي. جيڪڏهن عمل ڪيو ته ان سان شهباز شريف جي حڪومت ختم ٿيندي وارو سوال به واضح ناهي. نتيجي ۾ عمران خان جو سياسي دڳ وري به اسحاق ڊار واريون ملاقاتون ئي ڪڍي سگھن ٿيون، اهو به تڏهن جڏهن عمران خان آصف زرداري ۽ شهباز شريف سان ڳالهين لاءِ تيار ٿي وڃي.