معيشت بابت ته حڪومت مخالف ڌر کي گڏ ويهڻ گهرجي

0
202
سرحدن تي ڇڪتاڻ ۽ حملا مڪمل بند ڪرايا وڃن

ناڻي واري وفاقي وزير ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي صدر عارف علوي سان ٻه ٽي ملاقاتون ڪيون آهن. ملاقاتن جو مقصد هڪ ته ملڪ مان سياسي افراتفري ۽ بي چيني جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ آهي ته گڏوگڏ ملڪ جي معاشي حالتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ به آهي. ملڪ ۾ معاشي حالتن جي خرابي سبب هڪ ڀيرو وري ڊيفالٽ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جيڪي ڪجهه وقت اڳ تائين زور شور سان جاري هيون، پر موجوده ناڻي واري وزير جي اچڻ کانپوءِ اها اميد پيدا ٿي هئي ته حالتون بهتري طرف وڃي سگهن ٿيون، جنهن جا اشارا شروعاتي ڏينهن ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو اگهه مستحڪم ٿيڻ سان مليا هئا پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ دفعو ٻيهر ڊالر جي اها اڏام آهي جنهن ڪري مهانگائي وڌڻ سان گڏ  ڪاروباري زندگي تي اثر پئجي رهيو آهي، جنهن جو سڀني کان وڏو سبب سياسي عدم استحام آهي. جنهن کي محسوس ڪندي ان جي خاتمي لاءِ ناڻي واري وزير ڪوششون شروع ڪيون آهن ۽ صدر مملڪت سان ملاقاتون ان سلسلي جي ڪڙي آهن.

ملڪ ۾ هن وقت جيڪو وڏو مسئلو آهي اهو معاشي صورتحال جو آهي ۽ سياسي عدم استحڪام ان تي خراب نموني اثرانداز ٿي رهي آهي. صدر مملڪت هونئن ته رياست جو سربراهه آهي جنهن جو ڪنهن به سياسي پارٽي ڏانهن جهڪاءُ نه هجڻ گهرجي پر ڇاڪاڻ ته کيس انهي عهدي تي پي ٽي آءِ وارن اميدوار طور آندو ۽ ڪامياب ڪرايو هو ته لازمي طور هن جون همدرديون پي ٽي آءِ وارن سان آهن. جڏهن حڪومت ۽ مخالف ڌر اهڙي پوزيشن وٺي بيٺيون آهن جو اهي هڪبئي سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ئي ناهن ته صدر مملڪت ئي اهڙي شخصيت ٿي سگهي ٿو، جيڪو ٻنھي ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي گڏ ويهارڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هاڻوڪو وزيراعظم جڏهن مخالف ڌر جو اڳواڻ هو تڏهن به هن ان وقت جي حڪومت کي ميثاق معيشت تحت ڳالهين جي آڇ ڪئي هئي ۽ هاڻي وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ به مخالف ڌر کي ساڳي آڇ ڪئي پر بدقسمتي سان مخالف ڌر نه ڳالهين تي راضي آهي نه ئي اسيمبلي ۾ ويهي پنهنجو ڪو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن تي صدر مملڪت به اهو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن عمران خان مون سان صلاح ڪري ها ته کيس اسيمبلي ۾ ويهڻ جي صلاح ڏيان ها. مخالف ڌر سياسي معاملن تي ڀلي کڻي حڪومت سان ويهڻ تي راضي نه ٿئي پر گهٽ ۾ گهٽ ملڪي معيشت تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ حڪومت سان کيس ويهڻ گهرجي ۽ ان لاءِ صدر مملڪت کان وڌيڪ ٻي ڪا موزون شخصيت ٿي نه ٿي سگهي، جنهن تي ٻئي ڌريون اعتماد ڪري سگهن ٿيون. ان ڪري ئي شايد ناڻي واري وزير ڪجهه ڏينهن دوران بار بار صدر سان ملاقات ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪي معيشت جي حالت کان ناڻي واري وزير کان وڌيڪ ٻيو ڪو واقف نه هوندو.

اسان سمجهون ٿا ته ملڪي معيشت جي ابتري رڳو ڪنهن هڪ پارٽي جو نقصان ناهي، جيڪڏهن حالتون وڌيڪ خراب ٿين ٿيون ته نه رڳو حڪمران ڌر، عوام پر ملڪ کي ان جو ازالو نه ٿيڻ جوڳو نقصان پهچي سگهي ٿو. سياسي مسئلا ايڏي پئماني تي عوام جي روزمرهه جي زندگي تي اثرانداز نه ٿيندا آهن جيئن معاشي حالتون عوام کي سڌو سنئون متاثر ڪنديون آهن. تنهن ڪري حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي کي صدر ۽ ناڻي واري وزير ۾ ٿيل ملاقاتن جو فائدو وٺندي معيشت جي معاملن تي هڪٻئي سان گڏ ويهڻ گهرجي ۽ ملڪ جا مالي معاملا سڌارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ان ۾ ئي ملڪ ۽ سڀني سياسي ڌرين جي بهتري آهي.