ڇا دهشتگرد وري منظم ٿي رهيا آهن؟

0
152
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي پکڙجڻ جو خوف وڌي رهيو آهي،اهو خوف ڪو اجايو ايئن ئي يا بي سبب ناهي،ڇاڪاڻ ته هڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ دهشتگردي جا اهي واقعا ٻڌائي رهيا آهن ته دهشتگرد منظم ٿي رهيا آهن ۽ اهي جنهن وقت جتي به چاهين ڪارروائي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيا آهن.اسلام آباد کانپوءِ لاهور جهڙي اهم شهر ۾ دهشتگردي ۽ بم ڌماڪي جو واقعو به انهي ڳالهه جو ثبوت ڏئي رهيو آهي جڏهن ته گهرو وزير 5 شهرن ۾ دهشتگردي ٿيڻ جو الرٽ جاري ڪري چڪو آهي جنهن مان لڳي ٿو ته دهشتگرد گروپ ٻيهر نه رڳو سرگرم ٿي رهيا آهن پر اهي منظم ٿي ملڪ ۾ پنهنجون ڪارروايون وڌائڻ شروع ٿي ويا آهن جنهن کي هتي ئي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو ملڪ ۾ وري اها دهشتگردي جي باهه ايئن پکڙجي وڃي جيئن ماضي ۾ مشرف جي دور ۾ هر ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن ڌماڪي يا خودڪش حملي سان شروع ٿيندو هو.

جڏهن آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ مشرف جي دور ۾ پاڪستان به ان جو حصو بڻيو ته سڄو ملڪ دهشتگري جي وڪڙ ۾ اچي ويو ۽ خودڪش ڌماڪا روز جو معمول بڻجي ويا جنهن کانپوءِ وڏي مشڪلن سان پ پ ۽ نواز ليگ جي دور ۾ دهشتگرد گروپن خلاف آپريشن ڪري انهي تي ضابطو آندو ويو ۽ ملڪ سک جو ساهه کنيو.ان وقت به ملڪ ۾ دهشتگردي جو سبب افغانستان جون حالتون هيون هاڻي جڏهن وري ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا ٿي رهيا آهن تڏهن به ان جو سبب افغانستن جون ئي حالتون آهن جتي طالبان جي حڪومت قائم ٿي آهي ۽ هتي وري ٽي ٽي پي ۽ ٻيا انتهاپسند گروپ انهن حالتن جو فائدو وٺي پاڻ کي منظم ڪري رهيا آهن.ڪجهه وقت اڳ تائين حڪومت پاڪستان ٽي ٽي پي سان ڳالهيون هلڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ اهو اعلان ڪيو هو ته ٽي ٽي پي سان سيز فائر ٿيو آهي جنهن کان پوءِ انهن سان ڳالهيون ڪري معاملا نبيرڻ جي ڪُشش ڪئي ويندي ته جيئن ملڪ ۾ افغانستان صورتحال جو اثر نه ٿئي ۽ دهشتگردي جا واقعا نه ٿين، حڪومت چواڻي انهن ڳالهين۾ طالبان به مدد ڪري رهيا آهن.

پر اوچتو ئي اوچتو اهو سيز فائر ختم ٿي ويو ۽ حڪومت چواڻي ته ٽي ٽي پي ڪجهه اهڙا شرط رکيا جيڪي مڃڻ جهڙا نه هئا جنهن ڪري هاڻي اهو سيز فائر نه رهيو آهي.جڏهن سيز فائر ختم ٿيو ته دهشتگردي جو امڪان ڏيکاريو پئي ويو ۽ حڪومت 5 شهرن ۾ حملن جو الرٽ به جاري ڪيو جنهن کانپوءِ اهي واقعا شروع ٿي ويا.افغانستان۾آيل تبديلي کانپوءِ اهو خطرو ظاهر ڪيو پئي ويو ته ان جا ملڪ تي اثر ٿي سگهن ٿا جنهن ڪري ئي ٽي ٽي پي سان معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪُشش ڪئي وئي پر ڇا جيڪڏهن ڳالهين ذريعي معاملا حل نه ٿيا ته پوءِ حڪومت جو ڪم رڳو الرٽ جاري ڪرڻ آهي يا انهي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ به ان جي ڪا منصوبابندي هئي جو انهن حملن کي روڪڻ لاءِ ڪي ڪوششون ورتيون وڃن ها.

اسان سمجهون ٿا ته پنهنجي شهرين جي جان مال جي حفاظت کي يقيني بنائڻ حڪمت جو ڪم آهي ۽ انهي لاءِ اها ڪهڙا به قدم کڻي سگهي ٿي تنهن ڪري جيڪڏهن حڪومت سمجهي ٿي ته ٽي ٽي پي سان ڳالهين ذريعي معاملا حل ٿي سگهن ٿا ته انهي اهو آپشن به استعمال ڪيو پر جڏهن ٽي ٽي پي يا ٻيا دهشتگرد گروپ وري منظم ٿي رهيا آهن ته انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ به حڪومت کي قدم کڻڻ گهرجن جيئن دهشتگردي جي وڌندڙ لهر کي اتي ئي روڪي سگهجي ڇاڪاڻ ته اڳ ئي معيشت جي خراب حالت سبب جيڪڏهن وري دهشتگردي ۾ واڌ ٿي ته ملڪ معاشي طور به وڏو نقصان ڀوڳيندو ۽ شهري پنهنجي حياتيون وڃائيندا رهندا تنهن ڪري حڪومت کي انهي دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ ترت تڪڙا ۽ اثرائتا اپاءُ وٺڻ گهرجن.