سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وسڪارو، سيءُ وڌي ويو

0
176
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چوماسي جي برسات وقفي وقفي سان جاري
سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چوماسي جي برسات وقفي وقفي سان جاري

ڪراچي (نمائيندا) سنڌ  جَي مختلف علائقن ۾ وسڪاري کانپوءِ سيءُ وڌي ويو، بجلي جو نظام ڊانوا ڊول ٿيڻ ڪري ڪاروبار متاثر ۽ شهري سخت پريشانين جو شڪار ٿي ويا آهن

ڪشمور، گڊو، بڊاڻي، قمبر، وڳڻ، لعلو رائنڪ، نصيرآباد ۽ وارهه ۾ برسات کانپوءِ روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو، جنهن سبب شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن

ڪنڌڪوٽ،  مبارڪپور، ميرپور ٻرڙو، رائونتي ۽ ٻين علائقن ۾ وسڪاري کانپوءِ بجلي بند ٿي وئي، جنهن سبب ڪاروبار متاثر ٿيڻ لڳو

ڪنڌڪوٽ ۾ گذريل رات برسات بعد 13 ڪلاڪن کان بجلي بند آهي، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب بجلي بند هئڻ ڪري اسڪولي ٻارڙا ۽ آفيس ويندڙ ماڻهو  اسڪولن ۽ آفيسن تائين نه پهچي سگهيا