ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇري ويجهو پورهيت وڻ تان ڪِري فوت ٿي ويو. ڇاڇرو جي ڳوٺ روهيراڙو ويجهو امين جي ڍاڻيءَ جو رهواسي 55 ورهين جو پورهيت محمد سليم پٽ مبين سميجو غلام بني شاھ ۾ وڻ تان کنؤرلاهيندي پير ترڪڻ سبب ڪري پيو. پورهيت مڻڪو ٽٽڻ سبب موقعي تي فوت ٿي ويو. پورهيت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.