پوليس مقابلي ۾ ٻن جوابدارن جي مارجڻ واري واقعو شڪي بڻجي ويو

0
408

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي پي آءِ بي ڪالوني ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ٻن جوابدارن جي مارجڻ واري واقعو شڪي بڻجي ويو، سي سي ٽي وي فٽيجز ۾ مقابلو جڙتو هجڻ جي نشاندهي ٿي آهي، ٻن جوابدارن کي جڙتو مقابلي کان اڳ گرفتار ڪرڻ جا سي سي ٽي وي فٽيجز منظرعام تي اچي ويا، فٽيجز ۾ نظر اچي رهيو آهي ته ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بعد تشدد جو نشانو بڻايو، مارجي ويلن جي وارثن طرفان لاش رکي ڌرڻو، مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس جي شيلنگ ۽ لٺبازي، پوليس ۽ مظاهرين ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم، پوليس الزام هنيو آهي ته مارجي ويل جوابدار ڀتي خوري جي ڪيس ۾ گهربل هئا.