پرڏيهه مان پاڪستان ايندڙ مسافر اڏامون 5 کان 20 مئي تائين گهٽائڻ جو فيصلو

0
338
ايف بي آر پي آءِ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهه مان پاڪستان ايندڙ مسافر اڏامون 5 مئي کان 20 مئي تائين گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جي اجلاس دوران ڪورونا جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته اڏامون گهٽائڻ واري فيصلي جو 18 مئي تي ٻيهر جائزو ورتو ويندو، اجلاس ۾ اين سي او سي طرفان 5 هزار آڪسيجن سلينڊر به ٻاهران گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 40 کان 49 سالن تائين عمر جي شهرين جي وئڪسينيشن 3 مئي کان شروع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، اين سي او سي جو چوڻ آهي ته عيد جون موڪلون 10 کان 15 مئي تائين ڪيون وينديون..