جيڪب آباد (رپورٽر) باھو کوسو ۾ بروهي ۽ کوسا برادري جي ماڻهن ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙي ۾ زخمي ٿيل کوسا برادري جي ماڻهن پاران باھو کوسو پوليس خلاف ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي شير محمد کوسو ۽ ٻين ٻڌايو ته بروھي برادري جي ماڻهن اسان جي دڪانن تي حملو ڪري 7 ڄڻا زخمي ڪيا، پوليس انصاف بدران اسان جي ٻن ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي، جيڪا زيادتي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي گرفتار ماڻهو آزاد ڪيا وڃن.