نواب ولي محمد (ن پ ا) نواب ولي محمد ۾ شهرين پاران موٽرسائيڪل چورائڻ جي الزام ۾ هڪ ڄڻو سوگھو، پوليس حوالي. نواب ولي محمد شهر ۾ هڪ خانگي اسڪول ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام ۾ شهرين هڪ شخص گلزار ولد نبي بخش ماڇي کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پڪڙيل همراهه موري شهر جو رهواسي آهي، واضع رهي ته ڪيترن ئي ڏينهن کان نواب ولي محمد شهر ۾ مختلف ماڻهن جون موٽرسائيڪل چوري ٿي رهيون آهن.