ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو شهر جي وارڊ نمبر هڪ بجير پاڙي جو بجلي جو سڙيل ٽرانسفارمر 10 ڏينهن گذرڻ باوجود تبديل نه ڪرڻ خلاف شهرين روڊن تي نڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي يعقوب ٿيٻو، عبداللطيف بجير، سلطان ٿيٻو، آصف بجير ۽ ٻين چيو ته 10 ڏينهن اڳ بجير پاڙي جو ٽرانسفارمر سڙي ويو آهي جيڪو اڃا تائين تبديل ناهي ڪيو ويو، هنن چيو ته بجلي نه هجڻ سبب رهواسي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن الزام هنيو ته حيسڪو وارا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ لاءِ پئسا گهري رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ٽرانسفارمر تبديل ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي،