ڪلوئي (رپورٽ: گلشير نهڙيو) ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن بلوچ آباد، ونگو پتڻ، ستون ميل، سنتورو بازار ۾ اٽي جا اگهه وڌڻ کان پوءِ مسڪين ماڻهو هڪ ويلو ماني کائڻ تي مجبور آهن، ان سلسلي ۾ رهواسين عزيز هالو، عمر نهڙيو، راضي لنڊ، مانجھي ساهڙ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته هتي انتظاميا نالي ڪا شئي نظر نه پئي اچي، هنن چيو ته فلور ملز مالڪ ۽ دڪاندار ھڪ هٽي قائم ڪري ٻني هٿن سان غريب عوام کي لٽي رهيا آهن، جنهن جو ڪير به نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته هٿرادو مهانگائي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري آزار ختم ڪيو وڃي،