چيلهار: جبري مذهب تبديلي ڪرايل گڏي ڪولهي جي حالت ۾ سڌارو نه آيو

0
222

چيلهار(ن پ ا)چيلهار ويجهو جبري طور مذھب تبديل ڪرائي زبردستي شادي ڪرائڻ جو الزام ھڻندڙ گڏي ڪولھي جي حالت ۾ سڌارو نه آيو

متاثر ناري جو ٻئي ڏينھن به مٺي جي سول اسپتال ۾ علاج هلندڙ  آھي، اسپتال انتظاميا موجب ناري گڏي ڪولھي جو تيز ڊوڙڻ ۽ گرمي  سبب ٽن مھينن جو حمل ضايع ٿي ويو آھي جنھن ڪري سندس رت ھلي رھيو آھي ناري کي ٻئي ڏينھن به طبعيت ناساز ھئڻ جي ڪري عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آھي

گڏي ڪولهي 2 ڏينھن اڳ مڙس جي قيد مان فرار ٿي جنھجير ڳوٺ پھتي ھئي جتي ڳوٺاڻن چيلھار پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس پهچي ناري کي مٺي اسپتال داخل ڪرايو، جڏهن ته واقعي جو اڃان تائين ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي

هي به پڙهندا

جهول: اسلام قبولي پرڻو ڪندڙ ناري کي مڙس طلاق ڏئي گهران ڪڍي ڇڏيو

ٺل ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، ناري ۽ نوجوان قتل