معصوم زينب فاطمه جو قاتل ويجهو مائٽ نڪتو، ڏوهه جو اعتراف

0
284

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نويد لاڙڪ)  معصوم ٻارڙِي زينب فاطمه سومرو کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار پاران ڏوهه جو اعتراف ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته معصوم ٻارڙِي زينب فاطمه  سومرو ڪيس ۾ ثناءُ الله سومرو کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جوابدار ٻارڙِي جي والد جو  سئوٽ ۽ ماسات آهي، قتل جو  اعتراف به ڪيو اٿائين

معصوم ٻارڙِي زينب فاطمه  سومرو کي قتل ڪندڙ جوابدار جي ڏوهه  باسڻ واري وڊيو سامهون اچي وئي

جوابدار جو چوڻ آهي ته زينب جي ماءُ شازيه کي پريشان ڪرڻ لاءِ ٻارڙي کي دڪان  تي وٺي وڃي شٽر بند ڪيو،  ٻارڙِي کي قتل ڪرڻ جو ارادو نه هو، روئڻ سبب سندس وات بند ڪيو جنهن دوران هن دم ڏئي ڇڏيو

جوابدار وڊيو بيان ۾ چوي ٿو ته ٻارڙي جي ڳولا ۾ به شامل هيس، سج  لهڻ بعد ٻارڙِي جو لاش ٻاچڪي ۾  وجهي کڏ ۾ اڇلائي آيو هيس

گرفتار جوابدار کي عدالت ۾  پيش ڪيو ويو، 5ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، 27 فيبروري تي 4 ورهين جي زينب فاطمه سومرو جو کڏ مان لاش مليو هو

هي به پڙهندا

چيلهار: جبري مذهب تبديلي ڪرايل گڏي ڪولهي جي حالت ۾ سڌارو نه آيو