حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻو صدر ۽ پيپلزپارٽي جو ڪو چيئرمين آصف علي زرداري هڪ ڏينهن جي دوري تي حيدرآباد پهتو. اڳوڻي صدر جي حيدرآباد آمد دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا. آصف علي زرداري گاڏين جي وڏي قافلي جي صورت ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي رهائشگاهه تي پهچي ڪجهه دير آرام ڪيو جتان هو پوليس پروٽوڪول ۾ پنهنجي فارم هائوس به ويو. واپسي دوران اڳوڻي صدر ٻيهر راول هائوس پهچي افطار ڪيو ۽ پارٽي اڳواڻن سان به غير رسمي ملاقاتون ڪيون. پارٽي ذريعن موجب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ٽنڊوالهيار وڃڻ جو به امڪان هو پر بعد ۾ هو ٽنڊو الهيار وڃڻ بدران نوابشاهه لاءِ روانو ٿيو. پارٽي جي ذريعن اها به تصديق ڪئي ته امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري عيدالفطر پنهنجي اباڻي ڳوٺ ملهائيندو جنهن ڪري هو پنهنجي وڏي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري سميت نوابشاهه لاءِ روانو ٿيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي حيدرآباد آمد ۽ مختصر دوري بابت ميڊيا کي ڪا به آگاهي نه ڏني وئي هئي پر پارٽي ذريعن پاران تصديق ڪئي وئي ته اڳوڻو صدر صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ وٽ افطار ڪرڻ کانپوءِ نوابشاهه لاءِ روانو ٿيو هو.