ميان صاحب ويجهو پراڻي تڪرار تان پيرسن قتل

0
110
ميان صاحب ويجهو پراڻي تڪرار تان پيرسن قتل
ميان صاحب ويجهو پراڻي تڪرار تان پيرسن قتل

ميان صاحب(ن پ ا) سلطان ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ حضوربخش جعفري ۾ جعفري برادري وچ ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار جي نتيجي ۾ هٿياربندن حملو ڪري 60 ورهين جي پيرسن امير بخش پٽ لائق جعفري کي قتل ڪري ڇڏيو

اطلاع تي سلطان ڪوٽ پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ سلطان ڪوٽ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي

هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي سلطان ڪوٽ پوليس ٻڌايو ته عيدن جعفري ۽ مقتول  امير بخش جعفري وچ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي جنهن تي عيدن جعفري جي ڌر حملو ڪري پيرسن امير بخش جعفري کي قتل ڪري ڇڏيو آهي، جوابدار واقعي کان بعد فرار ٿي ويا آهن، ڪيس داخل ٿيڻ بعد کين گرفتار ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

ٺل ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، ناري ۽ نوجوان قتل