اسلام آباد (م ڊ) ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين پارٽي اسٽرڪچر بابت اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ 4 سوال پڇي ورتا. ذريعن موجب ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين طرفان اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ پارٽي آئين بابت وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. چوڌري شجاعت حسين طرفان اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ چار سوال پڇيا ويا آهن، خط ۾ پارٽي آئين، پارٽي ۾ عهديدارن جي اختيارن ۽ ق ليگ جي اثاثن جا تفصيل ۽ عهديدارن جي فهرست بابت وضاحت طلب ڪئي وئي آهي.