لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي 18 رڪني ڪابينا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 18 رڪني پنجاب حڪومت جي ڪابينا ۾ رڳو تحريڪ انصاف جا ميمبر شامل هوندا، ڪابينا ۾ محمود الرشيد کي بلديات، ياسمين راشد کي صحت، ميان اسلم اقبال کي هائوسنگ ۽ ڊاڪٽر مراد راس کي تعليم کاتو ڏنو ويندو. جڏهن ته راجا بشارت کي پارلياماني معاملن، هاشم جوان بخت کي فنانس، خرم ورڪ کي قانون، راجا ياسر همايون کي هائير ايجوڪيشن ۽ هاشم ڊوگر کي گهرو کاتو ملڻ جو امڪان آهي.ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 18 رڪني ڪابينا ۾ ق ليگ کي ڪا به وزارت نه ملندي، جڏهن ته علي افضل ساهي، لطيف نذر گجر، محسن لغاري ۽ فياض چوهاڻ کي به وزير بڻائڻ جو امڪان آهي.