ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجرز  ميجر جنرل افتخار حسن چوڌري جي صدارت هيٺ امن امان بابت ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ محرم الحرام، 14 آگسٽ،  مڪاني توڙي ننڍي چونڊ لاءِ سيڪيورٽي انتظامن جو جائزو وٺي اهم فيصلا ڪيا ويا، رينجرز ترجمان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رينجرز ۽ پوليس طرفان محرم الحرام جي سيڪيورٽي جي حوالي سان گڏيل فليگ مارچ ڪرڻ سان گڏ اسنيپ چيڪنگ ڪئي ويندي، جڏهن ته مجلسن ۽ ماتمي جلوسن جي داخلي رستن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي ويندي.  اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ڪورونا جي روڪٿام وارين ايس او پيز تي عمل ڪرايو ويندو، ساڳئي ريت اليڪشن جي حوالي سان جاري ڪيل ضابطه اخلاق تي عمل ڪرايو ويندو، ضابطي اخلاق جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ عالمن کي اپيل ڪئي وئي ته محرم الحرام دوران امن امان قائم ڪرڻ لاءِ قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان تعاون ڪيو وڃي