ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ٿرپارڪر  ۽ جيڪب آباد جا ڊي سي بدلي، ان ڏس ۾ ٿرپارڪر مان 19هين گريڊ جي ڊي سي نواز سوهو کي بدلي ڪري کيس صحت کاتي ۾ 20هين گريڊ جي اسپيشل سيڪريٽري واري عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي، جتان فياض عباسي کان واڌو چارج واپس ورتي وئي آهي. ٻئي طرف جيڪب آباد جي ڊي سي حفيظ سيال کي بدلي ڪري ڊي سي ٿرپارڪر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سيڙپڪاري کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري يوسف شيخ کي وري ڊي سي جيڪب آباد مقرر ڪيو ويو آهي.