مريد شاخ (ن پ ا) مريد شاخ ويجهو پنجاب جي علائقي ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي پوليس ڪارروائي ڪندي ماڻهن کي  عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪندڙ جوابدار عبدالمجيد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري، هڪ مغوي افتخار کي بازياب ڪرائي ورتو. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڪوٽ سبزل پوليس ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي، عورت آواز تي هرکجي ڪچي طرف ويندڙ ماڇڪو واسي نوجوان جو پيڇو ڪيو ته ڏوهارين فائرنگ ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ڄاڻايل جوابدار عبدالمجيد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ نوجوان افتخارکي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.